ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو ويجهو ڳوٺ خدا بخش بگهڙ ۾ گهر جي ڀِت ڪرڻ سبب فوت ٿيل پيرسن عورت امام زادي ماڇيءَ جو لاش گوڏي جيڏو پاڻي جهاڳي قبرستان نيو ويو. علائقي جي واھن جو پاڻي اوور ٽاپ ڪرڻ لڳو، ڪوبه نمائندو لڙي نه آيو، برسات متاثر سوين خاندان بي يارو مددگار کليل آسمان ھيٺ ويٺل، اڪثر ڳوٺن ۾ 3 کان 4 فٽ پاڻي بيٺل. خبر موجب ڪوٽ لالو ۽ ڀرپاسي شديد برساتن بعد گهر ڪِرڻ جو سلسلو جاري آهي،   گذريل ڏينهن ڳوٺ خدا بخش بگهڙ ۾ گهر جي ڀِت ڪرڻ  سبب  پيرسن عورت امام زادي ماڇي فوت ٿي وئي ته علائقي واسي فوتڻ جو جنازو گوڏي جيڏو پاڻي جهاڳي قبرستان پهتا. ٻئي پاسي علائقي جي  واھن ۾ پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ سبب رهواسين ويتر پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ان کان علاوه واهن کي ڪيترن ئي هنڌن تان روڻيون لڳڻ جا اطلاع آهن، جنهن ڪري علائقي واسين ۾ خوف ڇائنجي ويو آهي. اڪثر ڳوٺن ۾ 3 کان 4 فوٽ پاڻي بيٺل آهي. هوڏانهن انتظاميا شهرن توڙي ڳوٺن منجھان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.