حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو

0
423
حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، اليڪشن ڪميشن حيدرآباد ڊويزن ۾  مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي  ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي

اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب حيدرآباد جي سمورن ضلعن ۾ 28 آگسٽ تي ٿيندڙ چونڊ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو  ڪيو آهي

ڄامشورو، ٿاڻو بولا خان ۽ جوهي سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال آهي، ماڻھن جا گھر ڊھي  پيا آھن، علائقن ۾ پاڻي بيٺل آھي

اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب برسات کي نظر ۾ رکندي في الحال 28 آگسٽ تي ٿيندڙ اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

ھي به پڙھندا

سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، متاثرن جا اھنج ٻيڻا، سوين خاندان کليل آسمان ھيٺ ويٺل

اقتدار جو نشو هڪ شخص کي هر روز چريو ڪري رهيو آهي:آصف علي زرداري