هالا (ن پ ا) هالا جي ريلوي ڪالوني ۾ ملاڻان ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پوليس جي موجودگي ۾ جڳهه جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو. ڌرين جا مسمات شهزادي سولنگي، مرزو ملاڻون، اڪرم سولنگي، غلام حيدر سولنگي زخمي ٿي پيا.زخمين کي مقامي ماڻهن پرائيويٽ گاڏين ذريعي  تعلقه اسپتال ھالا رسايو ويو. واقعي بعد اتي موجود پوليس اهلڪارن هڪ ڌر جي هڪ همراهه کي گرفتار ڪندي لاڪپ ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف جهيڙيندڙ ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي خلاف جهيڙي جي رپورٽ داخل ڪرائي ويئي آهي. جهيڙي ۾ زخمي ٿيل اڪرم سولنگي ٻڌايو ته ڄاڻايل جڳهه سندن والد امام علي سولنگي کي مخدوم طالب المولا گفٽ ڪري ڏني هئي، جنهن ۾ مرحوم ڪانڊيرو سولنگي کي عارضي طور رهيل هو سندس وفات بعد جڳهه ۾ سندس گهرواري ترسيل هئي ۽ پراپرٽي اسان جي آهي. هن ٻڌايو ته سندن جڳهه تي قبضي ڪرڻ ۾ اڳوڻو ۽ موجوده ڪائونسلر اميدوار سلطان سولنگي، مرحوم مخدوم خليق الزمان جو مئنيجر محمد عثمان سولنگي، مرزو ملاڻون وارا شامل آهن. ٻئي طرف زخمي عورت شهزادي جو چوڻ آهي ته اها جڳهه سندس مرحوم گهرواري جي هئي جيڪا سندس ملڪيت آهي.