ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد لڳ ڳوٺ مقصود ڀرڳڙي ۾ شادي شده 18سالن جي شريمتي واري زال پريم ڪولهي پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ ڳچي ۾ رسو ٻڌي مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان عورت جي مڙس پريم ڪولهي ۽ پيءُ رامسن ڪولهي ٻڌايو ته گهر ۾ ڪوبه مسئلو نه هو، خبر ناهي نياڻي آپگهات ڇو ڪيو آهي؟ ٻي طرف علائقي ۾ چوٻول آهن ته عورت گهرو اڻبڻت سبب آپگهات ڪيو آهي.