ڪنڌڪوٽ:پوليس پاران 6 ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ

0
206

ڪنڌڪوٽ:پوليس پاران 6 ڄڻن رضوان آرائين،مشتاق راڄپر،علي بلوچ،اياز شيخ جڏهن ته ڪجهه ڏينهن پهريان تيرٿ ۽ ظفر سلطان کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. پوليس موجب 6 ئي ڄڻن جو تعلق بهاولپور، خيرپور، ڪراچي، عمرڪوٽ، سيوهڻ شهر سان تعلق آهي. ٽيڪينڪل ٽيم جي رپورٽ موجب 6 ئي ڄڻن کي تيغاڻي ۽ جاگيراڻي گينگ دوکي سان ڪچي گهرائي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙي رهيا هئا جنهن کي پوليس ناڪام بڻائي ورتو.