ملير (رپورٽر) قائدآباد جي مدينا ٽائون ۾ عورت مبينا طور تي زهر پِي خودڪشي ڪري ڇڏي. قائدآباد ويجهو شاھ لطيف ٿاڻي جي حد مدينا ٽائون ۾ 40 ورهين جي جانل زال نادر مبينا طور تي زهريلي شيءِ کائي پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. پوليس موجب ابتدائي جاچ مان عورت گهريلو پريشانين کان تنگ ٿي انتهائي قدم کنيو آھي. ان جي باوجود واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.