گهوٽڪي: 2 معصوم نينگر ڀائر مڇي جي تلاء ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويا

0
247

گهوٽڪي: ڳوٺ ڌڻي بخش ڀيري ۾ 2 ڀائر 10سالن جو نثار احمد ڀيري ۽ 12سالن جو وقار احمد ڀيري مڇي جي تلاءَ ۾ وهنجي رهيا هئا ته ٻڏي ويا. اطلاع تي ڀرپاسي جي رهواسي ڳوٺاڻن پهچي ٻنهي ڀائرن کي مڇي جي تلاء مان ڪڍي سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو جتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرن ٻنهي ڀائرن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. سول اسپتال گهوٽڪي مان ٻڏي فوت ٿي ويل ٻنهي ڀائرن جا لاش وارث گهر کڻائي ويا. لاش گهر پهتا ته گهر ۾ ماتم مچي ويو.