ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي جي فيڪٽري ۾ پورهيو ڪندڙ مزدور جي 15 سالن جي پٽ گهر ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. سائيٽ ڪوٽڙي جي علائقي غريب آباد ڪالوني وارڊ نمبر 1 ۾ 15 سالن جي نينگر مجاھد لاکير گهر جي در ۾ ڪپڙو ٻڌي  ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي. نينگر کي لٽڪيل ڏسي وارثن کيس فوري طور اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. وارثن موجب نينگر جو پيء فيڪٽري ۾ مزدوري تي ويل هيو جڏهن ته باقي گهر ڀاتي پاڙي ۾ ويل هيا جيڪي واپس آيا ته مجاهد جو لاش در ۾ لٽڪيل هيو. سندس پورجيت والد شاهد لاکير موجب سندس پٽ سرڪاري اسڪول ۾ پڙهندو هيو، غريب آهيون خودڪشي جي ڪارڻ جي خبر ناهي.    حد جي پوليس موجب لاش جوپوسٽ مارٽم ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.