ڪومل عزيز جي سنجي دت سان گڏ تصوير وائرل

0
224

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا ڪومل عزيز جي باليووڊ جي اداڪار سنجي دت سان گڏ نڪتل هڪ تصوير وائرل ٿي رهي آهي.ڪومل عزيز اڄڪلهه آمريڪا ۾ موڪلون گذاري رهي آهي ۽ اها تصوير اتان جي آهي جتي سندس ملاقات سنجي دت سان ٿي.اداڪارا انسٽاگرام تي اسٽوري پوسٽ ڪئي جنهن ۾ ڪومل عزيز کي سنجي دت سان ڏسي سگهجي ٿو.

اها تصوير آمريڪا جي هڪ شاپنگ ۾ مال ۾ نڪتل آهي جتي اداڪارا جي ملاقات سنجي دت سان اتفاقي طور ٿي وئي.اداڪارا جي اهڙي تصوير سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن تي واهپيدار حيراني جو اظهار ڪري رهيا آهن ان سان گڏ تصوير کي تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي.