ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستاني اسڪواڊ ۾ 3 تبديليون: سرفراز اِن، اعظم خان ۽ حسنين آئوٽ

0
279

لاهور(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ تبديليون ڪيون ويون آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون. اعظم خان ۽ محمد حسنين جي جاءِ تي وڪيٽ ڪيپر بيٽر سرفراز احمد ۽ حيدر علي کي 15 رڪني قومي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي. ان کانسواءِ ٽريول ريزرو ۾ موجود فخر زمان کي خوشدل شاهه سان تبديل ڪري 15 رڪني اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.

آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 17 آڪٽوبر کان 14 آڪٽوبر تائين گڏيل عرب امارتن ۾ کيڏيو ويندو. ايونٽ ۾ پاڪستان جي پهرين ميچ ڀارت خلاف کيڏندو. صهيب مقصود کي اسڪواڊ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ميڊيڪل ايڊوائيز تي ڪيو ويندو. پي سي بي طرفان تبديلين بعد 15 رڪني اسڪواڊ ۾ ڪپتان بابر اعظم ۽ شاداب خان شامل هوندا، ان کانسواءِ آصف علي، فخر زمان، حيدر علي، حارث رئوف، حسن علي، عماد وسيم، محمد حفيظ، محمد نواز، محمد رضوان، محمد وسيم جونيئر، سرفراز احمد، شاهين آفريدي ۽ صهيب مقصود شامل آهن، ٽريولنگ ريزرو رانديگرن ۾ خوشدل شاهه، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ عثمان قادر شامل آهن.