ڪيوي ٽيم 2023 کان اڳ پاڪستان ايندي: نيوزيلينڊ بورڊ تصديق ڪري ڇڏي

0
203

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان دوري جي تصديق ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان جو دورو ري شيڊيول ڪرڻ لاءِ ڪيوي بورڊ پي سي بي سان رابطي ۾ آهي ۽ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جو چيف ايگزيڪٽو پي سي بي سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي.

نيوزيلينڊ ميڊيا جو چوڻ آهي ته فيوچر ٽورز پروگرام (ايف ٽي پي) 2023ع مڪمل ٿيڻ کان اڳ ٻئي بورڊز رد ٿيل دوري کي ٻيهر ري شيڊيول ڪرڻ تي راضي آهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين رميز راجا چيو هو ته ايندڙ هفتي تائين نيوزيلينڊ طرفان سٺي خبر ملڻ واري آهي، نيوزيلينڊ دورو ٻيهر ري شيڊيول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.