منشيات ڪيس: شاهه رخ خان جي پٽ آريان جي ضمانت درخواست رد

0
192

ممبئي(شوبزنيوز) باليووڊ جي ڪنگ خان شاهه رخ خان جي پٽ آريان ۽ سندس ساٿين جي ضمانت جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. جڏهن ته گوري خان کي به پٽ کي برگر کارائڻ جي اجازت نه ملي سگهي. ممبئي جي نارڪوٽڪس جي خاص عدالت جي جج جي سامهون آريان خان، ارباز مرچنٽ ۽ منمن ڌميچا جون ضمانت جون درخواستون داخل هيون جن جي ٻڌڻي ٿي.

نارڪوٽڪس ڪنٽرول بورڊ جي وڪيل سندن ضمانت جي مخالفت ڪندي چيو ته جوابدار بااثر آهن ان ڪري ثبوت ختم ڪري سگهن ٿا. عدالت سندن درخواستون رد ڪيون هاڻ هو خاص عدالت ۾ ضمانت لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا. ٻئي طرف عدالت ۾ آريان جي والده گوري خان به موجود هئي جنهن کيس برگر کارائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اها درخواست به رد ڪئي وئي.