ڪور ڪمانڊر هائوس: تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ايم پي اي سميت 16 جوابدار آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي جي لاءِ فوج حوالي

0
358

جناح هائوس لاهور، ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملن ۽ هنگامن جي ڪيس ۾ اڳوڻي ايم پي اي اڪرم عثمان سوڌو 16 جوابدارن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي جي اجازت ڏني وئي آهي

 لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪمانڊنگ آفيسر پاران 16 جوابدارن جي حوالگي جي استدعا، عدالت درخواست منظور ڪندي جوابدارن کي ڪمانڊنگ آفيسر حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

 عدالت چيو آهي ته ڪمانڊنگ آفيسر موجب جوابدار آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڏوهي قرار ڏنل آهن، سندن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ٽرائل هلائي سگهجي ٿو

 پراسيڪيوشن پاران ڪمانڊر جي درخواست تي ڪوبه اعتراض نه واريو، 16 جوابدارن کي آرمي ايڪٽ تحت ٽرائل لاءِ ڪمانڊنگ آفيسر  حوالي ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

عمران خان جو 9 مئي واقعن جي جڊيشل انڪوائري لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو