ڪنڌڪوٽ ۾ ٽرڪ ٻن رڪشن مٿان ڪري پئي، 6ڄڻا دٻجي فوت

0
307

ڪنڌڪوٽ ۾ تُوتڙن سان ڀريل ٽرڪ چنگچي ۽ رڪشا مٿان ڪرڻ سبب ٻارڙِي ۽ عورت سميت 6 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته  4 زخمي ٿي پيا آهن

روڊ خراب هئڻ سبب ٽرڪ اوچتو چنگچي رڪشا ۽ ڦـَٽـَي واري رڪشا مٿان ڪلٽي ٿي پئي

چنگچي ۾ دٻجي ويل لاش ۽ زخمي ٻاهر ڪڍيا ويا، فوتين ۾ عرفان نندواڻي، رشيدان، بشيران، عبدالله ۽ شهناز نندواڻي شامل آهن

پوليس ٻارڙيءَ سميت زخمي ٿيلن کي اسپتال منتقل ڪيو، وااقعي واري هنڌ وڏي انگ ۾ ماڻهو پهتا، جيڪي دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ مصروف رهيا

هي به پڙهندا

گهوٽڪي ويجهو گرين لائين ايڪسپريس جي انجڻ پٽڙي تان لهي وئي، آپريشن مڪمل