بدين جي زيرو پوائنٽ واري علائقي جي ڳوٺ ڀڳڙا ميمڻ مان ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي: وڏي وزير کي بريفنگ

0
260

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سجاول جي سامونڊي علائقي جو جائزو وٺڻ لاءِ شاهبندر پهچي ويو آهي، کيس صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي آهي

وزيراعليٰ سنڌ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، ڪمشنر حيدرآباد سامونڊي طوفان بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 15جون تي سامونڊي طوفان ٽڪرائجندو، جون 17 ۽ 18 تائين طوفان جو اثر گهٽ ٿي ويندو

ڪمشنر حيدرآباد ٻڌايو ته طوفان جي شدت ۾ معمولي گهٽتائي سبب 13 يا 14 جُون بدران هاڻي 15 جون تي سامونڊي پٽي سان ٽڪرائجندو، سمنڊ ۾ 4 کان 5 ميٽر چاڙهه هوندو ۽ پاڻي گهڻو اڳتي ايندو

وزيراعليٰ کي ٻڌايو ويو ته بدين جي زيرو پوائنٽ جي ڳوٺ ڀگڙا ميمڻ مان ماڻهن کي منتقل ڪيو ويو آهي، شاهبندر، جاتي ۽ ڪيٽي بندر سمنڊ ڪناري موجود ڳوٺن مان 50 هزار ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿينديKarachi Walay - Karachi Main Samandari Toofan Kay Bais... | Facebook

شاهبندر جي ٻيٽن تان ٻه هزار ماڻهن کي ڪڍي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، وزيراعليٰ سنڌ ماڻهن جي باحفاظت منتقلي سوڌو امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي

 سامونڊي طوفان بائپر جواءِ ۾ شدت کانپوءِ صوبائي سرڪار حرڪت ۾ اچي وئي آهي، وزيراعليٰ مراد شاهه سامونڊي پٽي جو فضائي معائنو ڪيو

وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه سجاول جي سامونڊي علائقي جو جائزو وٺڻ لاءِ شاهبندر پهتو آهي، مڪاني وزير ناصر شاهه، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت به ساڻس گڏ آهن

وڏي وزير مراد علي شاهه کي سجاول ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته بدين جي زيرو پوائنٽ واري علائقي جي ڳوٺ ڀڳڙا ميمڻ مان ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي، شاهبندر، جاتي ۽ ڪيٽي بندر جي ساحلي ڳوٺن مان 50 هزار ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويندو

 ڪمشنر حيدرآباد بريفنگ ڏيندي چيو ته شاهبندر جي ٻيٽن تان رات 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي

ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري، ايم پي ايز محمد علي ملڪاڻي، هير سوهو، ڪمشنر حيدرآباد، ڊي جي رينجرز،ڊي سي سجاول ۽ ٻيا موجود آهن

وزيراعليٰ مراد علي شاهه ٺٽي ۽ بدين جي سامونڊي پٽي جو فضائي معائنو ڪيو، ذريعن موجب وڏي وزير کي سامونڊي طوفان جي صورتحال کان آگاهه ڪيو پيو وڃي

هي به پڙهندا

عربي سمنڊ ۾ شدت اختيار ڪري ويل طوفان بائپر جواءِ سنڌ ۽ گجرات ڏانهن وڌڻ لڳو

سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ شديد برساتن ۽ طوفاني هوائون گهلڻ جا امڪان