عربي سمنڊ ۾ شدت اختيار ڪري ويل طوفان بائپر جواءِ سنڌ ۽ گجرات ڏانهن وڌڻ لڳو

0
291

ڪراچي:عربي سمنڊ ۾ شدت اختيار ڪري ويل طوفان بائپر جواءِ سنڌ ۽ گجرات ڏانهن وڌڻ لڳو، سامونڊي طوفان ڪراچي کان 600 ڪلوميٽرز ۽ ٺٽي کان 580 ڪلوميٽرز جي فاصلي تي پهچي ويو

 موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان 15 جون تي منجهند جي وقت گجرات ۽ سنڌ جي وچ واري علائقي مان گذري سگهي ٿو، طوفان سبب هوائن جو رخ سمنڊ ڏانهن رهندو ۽ گرمي پد وڌي ويندو، گرمي پد 42 سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو

اين ڊي ايم اي پاران شهرين کي ساحلي ڪنڌين کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سمنڊ ۾ وهنجڻ، ماهيگيري ۽ جهاز راني تي پابندي، ڪراچي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي ساحلي پٽي تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي

هي به پڙهندا

سنڌ ۾ طوفان جو خدشو آهي، ٺٽي، سجاول ۽ بدين ۾ وڌيڪ خطرو آهي: وڏو وزير