ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي بي سيڪشن پوليس پنجاب جي شهر چڪوال جي رهائشي گاڏين جي واپاري 4 ڄڻن کي هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. پوليس موجب شوڪت کوکر، ذيشان گجر، عمير شاھد ملڪ ۽ عمران نظير چيما کي گاڏين جي واپار بھاني ڏوهاري گينگ گهرائي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهڙي منصوبي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ايس ايڇ او بي سيڪشن ۽ سندس ٽيم قمبراڻي لاڙو ڀر سان ڪراروائي ڪري 4 ڄڻن کي هرکجي اغوا ٿين کان بچائي ورتو.