راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي ۾ ڏيڍ سال تائين مسجد جي امامت ڪندڙ کدڙي فقير کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس پاران پڇا ڳاڇا ڪندي کيس گرفتار ڪيو ويو ته علائقي واسين کيس سڃاڻي ورتو.جوابدار پنهنجي جنس لڪائي امامت ڪندو رهيو ۽ ان دوران جنازو به پڙهايو. پوليس جنس لڪائي امامت ڪرڻ واري کدڙي فقير خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار ڏيڍ سال مقامي مسجد جو پيش امام هو، هن جنازي جون نمازون به پڙهايون.