ڪنڌڪوٽ ويندي اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن کان 20 لک رپيا ڀُنگ طلب

0
158
ميرپورماٿيلي ۾ ٻيلو پوليس

ڪنڌڪوٽ (ن پ ا) ڪنڌڪوٽ ويندي اغوا ٿيل خانپور مهر واسي نوجوان جي وارثن کان 20 لک رپيا ڀُنگ طلب، ڌاڙيلن مغوي آزاد گبول جي فون تي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪرائي

 وارثن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن جي تشدد سبب نوجوان دانهون ڪري رهيو هو، ڌاڙيلن کي منٿون ڪيون ته غريب آهيون، ڀُنگ جا پئسا ڪٿان آڻينداسين، ڌاڙيلن 20 لک رُپيا ڀُنگ نه ملڻ جي صورت ۾ نوجوان کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، آءِ جي سنڌ ۽ وڏي وزير کي نوٽيس وٺي مغوي نوجوان جلد بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو