ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته عورت اهلڪارن کي ٿاڻن تي هيڊ محرر )وڏو منشي) ۽  ڊيوٽي آفيسر مقرر ڪيو ويندو. پنهنجي آفيس ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي  هن چيو ته ڏوهارين خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، 12 نيون بڪتربند گاڏيون جلد آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين، 70 هزار نوان شيل به خريد ڪري رهيا آهيون، ڪچي ۾ آپريشن تيز ڪيو ويندو. هن چيو ته سٺن آفيسرن کي ايوارڊ ڏنا ويندا، جڏهن ته خراب شهرت رکندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي