ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ آندل سولنگي ۾ گهريلو اڻبڻت سبب نوجوان عرفان سولنگي پاران زهريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان کي نازڪ حالت ۾ تعلقي اسپتال ڪنڊيارو منتقل ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان والد سان معمولي ڳالهه تان ڪاوڙجي زهريلي دوا پي ڇڏي سندس حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.