ٺل/دوداپور (نمائندن وٽان) ٺل ۽ دوداپور ۾ ارڙي وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا آهن، جن جو علاج نه ٿي سگهيو آهي، رپورٽ موجب ٺل جي باءِ پاس پاڙي ۾ ارڙي وگهي نينگري سڪينه ڊول فوت ٿي وئي، دوداپور ويجھو ڳوٺ غلام قادر مندراڻي ۾ به 8 مهينن جي نينگر هدايت الله پٽ رجب مندراڻي ارڙي وگهي دم ڏئي ڇڏيو، ٻي طرف ڊول نوجوان اتحاد پاران صحت کاتي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مير حسن ڊول، اعجاز ڊول ۽ ٻين دانهيندي چيو ته علائقن ۾ ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا آهن، اڄ به 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا پر صحت کاتي جي عملدارن ڪي به اپاءُ ناهن ورتا، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڳوٺن ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي بيمار ٻارڙن جو علاج ڪرايو وڃي.