سنجرچانگ ( ن پ ا) سنجرچانگ ٿاڻي جي حد ڳوٺ نورمحمد لغاري واسي 40 ورھين جو 5 ٻارڙن جو پيء ڀاڻجي ڪولھي جو سندس ڳوٺ کان 4 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڪنڊياري فارم جي زرعي زمينن تي بيٺل انب جي وڻ ۾ ٽوال ڳچي ۾ ٻڌي مبينا ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي اطلاع تي سنجرچانگ پوليس واقعي واري هند پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي رورل ھيلٿ سينٽر چمبڙ منتقل ڪيو جتي لاش جي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ان ڏس ۾ وارثن ٻڌايو ته فوتي جو سنجرچانگ شھر ۾ پرچون جو دڪان آھي فوتي صبح جو گھران سندس دڪان تي وڃڻ لاء نڪتو شام تائين فوتي نه دڪان تي پھتو ۽ نہ ئي گھر موٽيو جنھن جي ڳولا تي اسان نڪتاسين، جڏهن ته ڪنڊياري جي مقامي ڳوٺاڻن اسان کي اهڙو اطلاع ڏنو، وارثن ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني ڪونھي نه ئي اسان جو ڪنهن سان جهيڙو جهڳڙو آهي، آخري اطلائن تائين مبينا طور ٿيل خودڪشي جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيا