ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور جي نصيراڻي پاڙي ۾ 16 ورهين جي حضوران ڌيءُ اصغر نصيراڻي ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، ان حوالي سان نينگري جي وارثن موجب ته نينگري معمولي ڳالھه تان گهر وارن سان ڪاوڙجي گارڊر ۾ ڪپڙو ٻڌي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي، ٻي طرف اطلاع تي پوليس پهچي نينگري جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جي وارثن واقعو خودڪشي قرار ڏنو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.