ڪنڊيارو (ن پ ا) هنڱورجا شھر جي هڪ ڊاڪٽرياڻي جي گهر ۾ ڪم ڪندڙ ڪنڊيارو جي ڳوٺ امام بخش مڱريو جو رهواسي 10 سالن جو نينگر شھريار ولد منظور مڱريو پراسرار نموني گم ٿي ويو. نينگر جي وارثن ڪنڊيارو نيشنل پريس ڪلب ۾ پهچي ٻڌايو ته سندن نينگر شھريار مڱريو هنڱورجا مان گذريل ڏينهن 12 وڳي پنهنجي گهر لاءِ نڪتو پر ڳوٺ نه پهتو آھي. ھنن جو چوڻ ھو ته سمورا گهر ڀاتي پريشان آھن کين شڪ آھي ته سندن نينگر کي اغوا ڪيو ويو آھي، هنن نينگر جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي. هوڏانهن ٽائيم نيوز تي خبر هلڻ کان پوءِ نينگر سيوهڻ مان هٿ اچي ويو. نيننگر جي والد منظور مڱريو پاران ٽائيم نيوز جا ٿورا مڃيا ويا.