گاجي کهاوڙ (ن پ ا) بحريا ٽائون ڪراچي ۾ اڄ لڳندڙ ڌرڻي ۾ سبيل لڳائڻ لاءِ گاجي کهاوڙ جو سماجي ورڪر صوفي امتياز مانجهائي ڪراچي روانو ٿي ويو آهي. سماجي ورڪر سبيل لڳائڻ لاءِ ڪولر، ٽيبلون، جڳ، گلاس ۽ ٻيو سامان کڻي روانو ٿي ويو، هن ٻڌايو ته اڄ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سنڌي ماڻهو ڌرڻي ۾ پهچندا ۽ گرمي به آهي ان ڪري هن سبيل لڳائڻ جو فيصلو ڪيو.