سرحد (ن پ ا) ڳوٺ مزاري ۾ ڪِڪِر جي وڻ جي مالڪي تان مزاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، نوجوان سيف الله مزاري ۽ سندس گھرواري مائي آسيه مزاري زخمي ٿي پيا، جن کي سرحد ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو، جتي هنن جو چوڻ هو ته شاهنواز، نديم، عمران مزاري ناحق تشدد جو نشانو بڻايو، سيف الله مزاري جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدارن منهنجي زال جا وار پٽي کيس تذليل جو نشانو بڻايو آھي، هوڏانهن سرحد پوليس واقعي جي رپورٽ پڻ داخل ڪري ورتي آھي.