ڪنڌرا (ن پ ا) ڪنڌرا ۾ خيرپور اسٽينڊ بازار وٽ نجي ڪلينڪ هلائيندڙ ڊاڪٽر هرپال مينگواڙ ۽ سندس ڀاءُ هٿياربندن جي حملي ۾ شديد زخمي ٿي پيا، ٻن هٿياربندن صبح جو ڪلينڪ کولڻ وقت اسپتال ۾ اندر داخل ٿي ڊاڪٽر ۽ سندس ڀاءُ کي رتورت ڪري فرار ٿي ويا، پوليس ٻنهي زخمي ڀائرن کي ليٽر ڏئي سکر اسپتال ڏانهن روانو ڪيو، پوليس ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.