راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي الزامن تي پاڪ فوج جو شديدردعمل سامهون آيو آهي، پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر عمران خان جي الزامن کي ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت الزامن لڳائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري. پنهنجي بيان ۾ آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جا اداري ۽ مخصوص سينئر آفيسرن خلاف الزام ناقابل قبول ۽ بناجواز آهن، پاڪستان جي فوج انتهائي پيشوراڻي ۽ نظم ۽ ضبط جي حامل تنظيم آهي، پاڪستاني فوج پنهنجي پيشوراڻي مهارت ۽ قائدن ۽ ضابطن تي فخر ڪندي آهي،  وردي پهريل اهلڪارن جي غير قانوني قدمن تي پاڪ فوج جو مضبوط ۽ هڪ انتهائي موثر اندروني احتسابي نظام موجود آهي، آءِ ايس پي آر چيو ته مفاد پرستن جي فضول الزامن سان فوجين جي عزت کي داغدار ڪيو پيو وڃي، ادارو پنهنجي آفيسرن ۽ سپاهين جي حفاظت ڪندو، اداري تي لڳايل بي بنياد الزام انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهن، ڪنهن کي اداري يا آفيسرن جي بي عزتي جي اجازت نه ڏني ويندي، رينڪ اينڊ فائنل تي بي بنياد الزام لڳائڻ تي ادارو هر صورت ۾ آفيسرن ۽ سپاهين کي تحفظ فراهم ڪندو،آءِ ايس پي آر چيو ته حڪومت کي درخواست ڪئي وئي آهي ته هن معاملي جي جاچ ڪئي وڃي، حڪومت اداري ۽ آفيسر خلاف هتڪ عزت تي قانوني ڪارروائي ڪري. حڪومت ڪوڙن الزامن جي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري.