لاهور (م ڊ) عمران خان تي حملي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ واري معاملي تي پرويز الاهي ۽ عمران خان وچ ۾ اختلاف سامهون اچي ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب جو وڏو وزير پرويز الاهي عمران خان جي رويي تي ساڻس ڪاوڙجي پيو آهي. پنجاب جو وڏو وزير قانون موجب ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ چاهي ٿو جڏهن ته عمران خان پنهنجي خواهش موجب ايف آءِ آر ڪٽرائڻ چاهي ٿو.