اسلام آباد: بچاءَ جي وفاقي وزير خواجا آصف چيو ته عمران خان تي ٿيل حملي واري واقعي تي دنيا اسان جي باري ۾ ڇا سوچيندي هوندي، ان واقعي جي آزاداڻي جاچ ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته ملڪ ۾ 12 ڪروڙ ماڻهو سوشل ميڊيا تي آھن،  سوشل ميڊيا تي ڪجهه شيون سامهون آيون آهن، اتي پستول کان علاوه مشين گنز جي گولين جا خول به مليا آهن، ماڻهو سوشل ميڊيا تي وڌيڪ اعتبار ڪن ٿا، مامري تي سياست ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته عمران خان چئي رهيو هو ته ان کي خون ئي خون نظر اچي رهيو آهي ۽ اهو ئي ٿيو، وزيراعظم، گهرو وزير، جي ڊي سي جا نالا کڻي ان ڪيس کي سياسي بڻايو  پيو وڃي، آءِ بي 28 آڪٽوبر تي اهڙي ممڪنه حملي جو الرٽ جاري ڪيو هو، اسان آزاد جاچ ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون.