ڪنهن جٿي کي رياست کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي: شيخ رشيد

0
260

راولپنڊي (ڊيسڪ رپورٽ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ڇيو آهي ته ڪنهن جٿي کي رياست کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، وفاقي گهرو وزير شيد رشيد سي ايم ايڇ او ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽرز اسپتال راولپنڊي جو دورو ڪيو، جتي هُن مظاهرن ۾ تشدد سبب زخمي ٿيندڙ پوليس اهلڪارن ۽ رينجرز جي جوانن جي عيادت ڪئي، هن چيو ته اهڪلارن ڪالعدم تنظيم جي ڪارڪنن جي ڪاررواين جو صبر سان مقابلو، ڪنهن جٿي کي رياست کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.