سيتاروڊ (ن پ ا) سيتاروڊ وارڊ نمبر 7 پرائمري اسڪول پاڙي جو رھواسي 15ورھين جي نينگرعابد حسين ولد عنايت سولنگي پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان گھر اندر ڦاھو کائي پنھنجي زندگيَ جو انت آندو آھي، هي واقعو ڪالھه سحري وقت پيش آيو آھي، سيتاروڊ پوليس موجب خودڪشي ڪندڙ نوجوان جو پيءُ ٻيڙيون ٻڌي پيٽ گذر ڪندڙ پورهيت آھي، پسند جي شادي نه ٿيڻ تان نوجوان اهڙو انتهائي قدم کنيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا، واقعي بعد فوتي نوجوان جي امڙ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا ۽ سندس گهر ۾ قهرام مچي ويو، نوجوان کي مقامي درگاھ رحماني سرڪار جي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.