ٽنڊو مستي (ن پ ا) ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ روحيل شنباڻي ۾ 40 ورھين جي زرينه زال بدرالدين شنباڻي گهر جي لانڍي جي ڇت ۾ رئو ٻڌي خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو، اھڙو اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو، ان ڏس ۾ ٽنڊو مستي پوليس رابطو ڪرڻ ته ٻڌايو ته وارثن مطابق ناري پنھنجو رئو گھر جي لانڍي جي ڇت ۾ ٻڌي خودڪشي ڪئي آھي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون، جاچ کانپوءِ ئي ڪجهه ٻڌائي سگهجي ٿو.