ڪنري (ن پ ا) سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ جي حڪم تي ڪنري پوليس ڳوٺ جلال خاصخيلي ۾ زميندار چيتن ميگھواڙ جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو ھڻي عورتن ۽ ٻارن سميت 15 ھارين کي بازياب ڪرائي ورتو. بازياب ڪرايل ھارين ۾ ميگھو ڪولھي، ڀورو، ساجن، مانسينگههه ڪولھي ۽ ٻيا شامل آھن. فريادي اميدو ولد شيرو ڪولھي عمرڪوٽ جي عدالت ۾ بازيابي بابت درخواست ڏني ھئي. پوليس بازياب ڪرايل ھارين کي ٿاڻي تي آندو. جتان ھارين کي اڄ اڱاري ڏينھن عمرڪوٽ جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.