حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم پاران ميڊيڪل ڪاليج غير فعال هئڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي آهي. اها پٽيشن ايم ڪيو ايم پاڪستان ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ايم پي ايز نديم صديقي ۽ ناصر قريشي سان گڏجي داخل ڪرائي. پٽيشن ۾ سندن موقف آهي ته 8 سال گذرڻ باوجود گلشن سرمست هائوسنگ اسڪيم ۾ قائم ٿيل ميڊيڪل ڪاليج کي فعال نه بڻايو ويو آهي جيڪو عمل حيدرآباد سان ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ آهي. عدالتي احاطي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪنور نويد جميل چيو ته 2012ع ۾ هائوسنگ اسڪيم تحت ميڊيڪل ڪاليج جو سنگ بنياد رکيو ويو هو پر 8 سال گذرڻ باوجود ميڊيڪل ڪاليج فعال نه بڻجي سگهيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي تعصب پرست سوچ جي ڪري هن ڪاليج کي اڃا تائين فعال نه بڻايو ويو آهي. سنڌ حڪومت 400 ارب رپيا حيدرآباد ۽ ڪراچي جي شهرين کان سڌي ريت وصول ڪندي آهي. اها رقم وفاق کان سواءِ سنڌ حڪومت شهرين کان مختلف ٽيڪسن جي مد ۾ وٺندي رهي ٿي. سنڌ سرڪار کي بار بار ياد ڏياريو آهي ته حيدرآباد کي ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ماتحت غير فعال بڻيل ميڊيڪل ڪاليج کي مڪمل ڪرايو وڃي پر سندن ڪو به تدارڪ نه ٿيو، سنڌ سرڪار مان ڪا به اميد نه آهي پر عدالتن تي اعتماد آهي ته رليف ملندو.