دادو (رپورٽر) دادو شهر جي ڪمال الدين سولنگي پاڙي مان 11 سالن جي فضا ڌيء محمد رمضان ڀٽي پر اسرار نموني گم ٿي وئي آهي ، محمد رمضان ڀٽي عورتن ۽ ٻارن جي تحفظ واري سيل پهچي دانهيو آهي ته سندس ڌيء فضا آچر ڏينهن صبح جو پاڻي ڀرڻ لاء گهران نڪري وئي ۽ مجهند تائين گهر واپس نه اچڻ تي پاڙي ۾ مٽن مائٽن وٽ ڳولا ڪئي پر سندس ڪو به پتو ناهي پيو ، ٻه ڏينهن کان سندن گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي ، فضا جي پيء ۽ ٻين وارثن شڪ ظاهر ڪيو آهي ته فضا کي ڪنهن اغوا ڪيو آهي ، اهڙي رپورٽ تي وومين سيل جي انچارج بينظير جمالي جاچ شروع ڪندي سوشل ميڊيا تي فضا جي گمشدگي تصورون رکيون آهن.