ڪنري ۾ بي رحم پٽ، پنھنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کي گھران ڪڍي ڇڏيو

0
165

ڪنري(ن پ ا) ڪنري ۾ بي رحم پٽ، پنھنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کي گھران ڪڍي ڇڏيو، شھر جي منشي پاڙي ۾ محمد اسلم آرائين پنھنجي ماءُ نسيم بي بي بيواھ صديق آرائين ۽ ڀيڻ نازيه بانو زال حاجي طالب کي گھران ڪڍي ڇڏيو، متاثر ٻڍڙي عورت ۽ سندس ڌيءَ کي عزيزن ٻي گھر ۾ رھائش ڪرائي ڇڏي، متاثر عورت ۽ سندس ڌيءَ ٻڌايو ته منھنجي پٽ اسان کي نشيءِ واري شيءَ کارائي ڪوڙيون صحيحون وٺي گھر پنھنجي نالي ڪرائي ورتو، متاثر عورت نسيم بيبي منھنجو مڙس ٻه سال اڳ ڪينسر ۾ مبتلا ھو، جنھن جي علاج ڪرائڻ جي بھاني سان ھو منھنجو مڙس کي ٻي شھر وٺي ويندو ھو ۽ ھن جون صحيحون وٺي ورتيون، نازيه بانو جو چوڻ آهي ته منھنجي ڀاءُ اسان تي تشدد ڪري چوندو آھي ته اوھان ھتان نڪري وڃو ھي گھر منھنجو آھي، ڀاءُ اسان کي گُذريل ڏينھن گھران ڪڍي ڇڏيو آھي، گھر منھنجي ناني جو آھي جيڪو منھنجي بابا جي نالي تي ھو ھاڻ ڀاءُ پنھنجي نالي ڪرائي ڇڏيو آھي، گھران ڪڍيل عورت ۽ سندس ڌيءَ کي ويجھي عزيزن عارضي گھر ڏئي رھائش ڪرائي ڇڏي، نسيم بيبي جو چوڻ آهي ته گھر منھنجي والد منھنجي مڙس تي نالي ڪيو آھي، پٽ پنھنجي نالي ڪرائي ظلم ڪيو آھي، پٽ کي ٿورو به حياءُ ۽ شرم نه آهي، گھر اسان کي واپس ڏياريو وڃي.