ٺٽو: مڪينيڪل انجنيئر جو اھم عھدي تي مقرري جو انڪشاف

0
173

ٺٽو(ن پ ا) سنڌ جي مڪاني کاتي پاران ھڪ مڪينيڪل انجنيئر کي ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي ايڊمنسٽريشن برانچ جي اھم عھدي چيف آفيسر طور مقرري جو انڪشاف ٿيو آهي، سنڌ جي مڪاني کاتي ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيف آفيسر فياض احمد قاضي کي ڪورونا ۾ مبتلا ھئڻ سبب سنڌ لوڪل گورنمنٽ بورڊ ۾ رپورٽ ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪري ان جي جاءِ تي ھڪ مڪينيڪل انجنيئر عبدالفھيم پنھيار کي ضلعي ڪائونسل ٺٽي جو چيف آفيسر طور مقرر ڪري ڇڏيو، آرڊر ملندي مڪينيڪل انجنيئر چارج سنڀالي چيف آفيسر طور ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، چيف آفيسر طور چارج سنڀاليندڙ مڪينيڪل انجنيئر کي ساڳئي ضلعي ڪائونسل ٺٽي ۾ مڪاني کاتي پاران ڏيڍ مھينو اڳ ايگزيڪيٽو انجنيئر طور مقرري جو آرڊر ڪيو ويو، پر ضلعي ڪائونسل جي ائڊمنسٽريٽر پاران پوسٽ سول انجنيئر جي ھئڻ جو جواز ڄاڻائي ڏيڍ مھيني تائين چارج نه ڏني وئي. مڪاني کاتي 8 جون تي ضلعي ڪائونسل جي انجنيئر نجم المجيد جي ڪيل آرڊر کي رد ڪري ٺيڪ ٻن ڏينھن بعد چارج کان محروم رھندڙ مڪينيڪل انجنيئر عبدالفھيم پنھيار جو 10 جون تي ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي اھم ائڊمنسٽريشن برانچ جي عھدي چيف آفيسر طور مقرري جو آرڊر جاري ڪري ھڪ نئون ۽ انوکو حيرت ۾ وجھندڙ تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏئي ڇڏيو.