چڪ: جتوئي برادري جي ٽن ڌرين ۾ رات کان فائرنگ جاري، هڪ قتل

0
285

چڪ: رستم لڳ ڳوٺ حبيب جتوئي جتوئي برادريءَ جي ٽن ڌرين ڪمالاڻي-عطراڻي ۽ سعدخاناڻي ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان هلندڙ ڇڪتاڻ شدت اختيار ڪري ويو آهي.ڌرين ۾ وچ ۾ رات کان هلندڙ فائرنگ جي نتيجي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻو منظور احمد پٽ علي حسن ڪمالاڻي قتل 3 ڄڻن جي زخمي هجڻ جااطلاع آهن . جڏهن ته رات دير سان ڳوٺ سوڍو ڪمالاڻي ۾ قتل ٿيل عورت عيسان ڪمالاڻي جو لاش رستم پوليس 12 ڪلاڪن بعد راڄوڻي ڪوششن ذريعي هٿ ڪري پوسٽ مارٽم لاء خانپور اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.ٽنهي ڌرين ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ۽ ڇتي فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو آهي، گذريل 6 مهينن کان ٽنهي ڌرين ۾ هلندڙ رتوڇاڻ سبب 2 عورتن سميت 10 ماڻهو مارجي ويا آهن.