ڦلجي اسٽيشن: مبينا اغوا ٿيل ٻه ڀينرن کي پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

0
312

ڦلجي اسٽيشن(ن پ ا) ڦلجي شھر جي محمودآباد پاڙي مان هٿيارن جي زور تي مبينا اغوا ٿيل ٻه ڀينرون 18 ورهين جي عروسا ۽ 13 سالن اميشا ڌيءُ رستم هنڱورو کي پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جن کي دادوجي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، نياڻين جي بازيابي تي سندن والدين ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي، ايس ايڇ او منور چانڊيو ۽ وڏي منشي خادم حسين هنڱورو کي پئسن ۽ گلن جا هار پڻ پارايا، جڏھن نارين جي بازيابي واري دعويٰ باوجود ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.