ڪنري ويجھو اڌڙوٽ شخص جو لاش ھٿ، قتل جو شڪ

0
129
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

ڪنري (ن پ ا) ڪنري ويجھو اڌڙوٽ شخص جو لاش ھٿ آيو آهي، جنهن کي قتل جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي، ڳوٺ سينھوئي واسي 65 ورھين جي محمد سومار رند جو فصل مان لاش مليو، اطلاع تي نبي سر روڊ پوليس پھچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو

وارثن جو چوڻ آهي ته محمد سومار مقامي زميندار حاصل خان رند جو ڊرائيور ھو، خبر ناهي ڪيئن هو فوت ٿيو، ڪاروڪاري ۾ قتل ڪرڻ جو شڪ آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته لاش جي پوسٽ مارٽم ڪرايو آھي، اڃان خبر ناهي پئجي سگھي ته کيس قتل ڪيو ويو يا طبي موت ٿيو، واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي

ھي به پڙھندا

پٿوري ۾ اڌڙوٽ شخص جو ڦاھو کاڌل لاش ھٿ