ٺاروشاهه ڀرسان اسڪول ويندي شاگردياڻي مبينا اغوا، پوليس ۾ حد جو تڪرار

0
216

ٺاروشاھ (ن پ ا) ٺاروشاھ ڀرسان مڃٺ مان اسڪول ويندي ستين ڪلاس جي شاگردياڻي مبينا طور تي اغوا ٿي وئي، جنهن جي وارثن احتجاج ڪيو آهي، ستين ڪلاس جي شاگردياڻي ۽ 12 سالن جي نوشابا سولنگي صبع جو اسڪول ويندي مبينا طور اغوا ٿي وئي، جنهن جي پيءُ غلام مصطفي’ سولنگي، ڀينرن طاهره ۽ زاهده سولنگي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو

هنن دانهيندي ٻڌايو ته اسان جي نياڻي اسڪول ويندي نامعلوم ڪار سوار کيس اغوا ڪري ويا آھن، اهڙو اطلاع مڃٺ جي تڳر ٿاڻي تي ڏنو جتان پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي ٺاروشاھ ٿاڻي تي موڪليو، ٺاروشاھ ٿاڻي تي پهتاسين ته پوليس اسان جي اين سي به داخل نٿي ڪري

هنن چيو ته اسان جي نياڻي معصوم آھي، فوري طور بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او تڳر مصعود جٽ ٻڌايو ته شاگردياڻي جي اغوا جو اطلاع مليو آھي، سندس بازيابي لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهيا آھيون، جڏھن ته ذريعن وٽان اهو به معلوم ٿيو آھي ته تڳر پوليس اغوا ۾ ملوث ھڪ ڄڻي بشير سهتو کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي

ھي به پڙھندا

دادو: محمد شاھه ڪالوني مان مبينا طور 8ورهين جي نينگري اغوا