حيدرآباد: خوراڪ کاتي پاران اٽي چڪين کي خراب ڪڻڪ جي فراهمي جاري

0
200

حيدرآباد(ن پ ا) خوراڪ کاتي پاران اٽي چڪين کي خراب ڪڻڪ جي فراهمي جاري آهي، حالي روڊ تي قائم فوڊ گرين گدام مان قاسم آباد ۾ قائم اٽي چڪين کي فراهم ٿيل ڪڻڪ به اڌو اڌ خراب نڪتي

اٽي چڪي مالڪن جو چوڻ آهي ته  50 کان وڌيڪ ڪڻڪ جا ڪٽا فراهم ٿيا جن مان 25 ڪٽن ۾ مٽي پٿر ۽ ٻيو ڪچرو پيل آهي، ٻه  ڏينهن اڳ پٺاڻ ڪالوني ۾ قائم گجراتي اٽي چڪي مالڪ کي 48 ڪٽا ڪڻڪ فراهم ڪيا ويا جنهن ۾ 13 ڪٽن ۾ رڳو مٽي، ڪچرو ۽ سرو لڳل ڪڻڪ پيل آهي

اٽي چڪي مالڪن الزام هنيو آهي ته گدام جا انچارج ذوالفقار شاهه مبينا رشوت نه ملڻ سبب اٽي چڪي مالڪن کي خراب ڪڻڪ فراهم پيو ڪري، خوراڪ کاتو ۽ ضلعي انتظاميا معاملي جو نوٽيس وٺي خراب ڪڻڪ بدران صاف ڪڻڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائي

فوڊ گرين گدام مان خراب ڪڻڪ فراهم ٿيڻ بعد اٽي چڪي مالڪن في الحال ڪڻڪ کڻڻ وارو سلسلو بند ڪري ڇڏيو آهي، ڊي ايف سي کي شڪايت ڏني جنهن ٻين گدامن مان صاف ڪڻڪ فراهم ڪرڻ خاطري ڪرائي آهي

ھي به پڙھندا

حيدرآباد: خوراڪ کاتي پاران اٽي چڪين کي صحت لاءِ هاڃيڪار ڪڻڪ فراهم ڪرڻ جو انڪشاف