ڪنري: بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻه پورهيت فوت

0
271
ڪنري: بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻه پورهيت فوت
ڪنري: بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻه پورهيت فوت

ڪنري(ن پ ا) ڪنري ويجهو سب ڊويزن نئون ڪوٽ واپڊا جي نااھلي سبب زمين تي پيل بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻه پورھيت فوت ٿي ويا.

دڙيلو موري جي ڳوٺ پيارو خان چانڊيو ۾ زمين تي پيل بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب زمين تي پورھيو ڪندڙ  50 ورھين جو محمد اشرف چانڊيو ۽ 35 ورھين جو عبدالطيف چانڊيو فوت ٿي ويا.

فوت ٿيل پاڻ ۾ سڳا سئوٽ آھن، جن جا لاش پهچڻ تي گھر ۾ ڪھرام ۽ روڄ راڙو مچي ويو.

فوتي پورهيتن جي وارثن جو چوڻ آهي ته بجلي جي تارون گذريل 6 مھينن کان زمين تي پيل ھيون، واپڊا عملدارن کي ڪيترائي ڀيرا دانھيو پر تدارڪ نه ٿيو، واپڊا وارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار انصاف فراهم ڪيو وڃي.