ڪينسر ۾ ورتل محمد قاسم اوٺار جي سار لهو!

                 يوسي مرادپور تعلقي ۽ ضلعي سجاول جي ڳوٺ محمد صديق اوٺار جو 40 سالن جو محمد قاسم اوٺار جيڪو غريب ۽ مسڪين آهي، ڪجهه وقت کان ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ ورتل آهي. اڪيلو ڪمائڻ وارو هئڻ سبب سندس سڄو خاندان متاثر ٿي رهيو آهي. سندس والد ۽ ڀائر به واڍڪو ڪم ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالين ٿا پر ڪورونا وائرس ۽ برساتن سبب سندس واڍڪو ڪم به تمام گھنو متاثر ٿيو آهي، هنن ٻڌايو ته غريب ماڻهو هئڻ سبب لکين رپين جو علاج پئسن تي نٿا ڪرائي سگهون. هنن هتان جي سياسي نمائندن ۽ سنڌ سرڪار کان اهو مطالبو ڪيو آهي ته ڪينسر جو شڪار محمد قاسم اوٺار جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي، ان سان گڏ سندس معصوم ٻارڙن جي سار سنڀال لڌي وڃي.

سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول

پوليس ۽ عوام!‎‎

  دنيا ۾ پوليس جو ادارو عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ ايمرجنسي جي صورت ۾ مدد ڪرڻ  لاءِ ٺاھيو ويو آھي پر سنڌ ۾ بدقسمتيءَ سان ڪجھ اھڙا آفيسر عوام جو قانوني ڪم به پئيسن کان سواءِ ٿيڻ ناممڪن آھي. پوليس ۾ ڪجھ اهڙيون ڪاريون رڍون موجود آھن جيڪي منشيات، ڌاڙن، اغوائن ۽ ڦرن جھڙن سنگين معاملن ۾ پڪڙيا ويا آھن. پوليس عوام سان ڪيتريون ئي ناجائزيون ڪندي نظر اچي ٿي، سنڌ جا ڪيترائي نوجوان ھاف ۽ فل فراءِ ٿي ويا آھن، جن ۾ حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ديپڪ ڪمار سڄي زندگي لاءِ معذور بڻجي چڪو آھي ۽ ڪيترائي نوجوان بي گناھ قتل ٿي چڪا آھن ۽ ڪي وري سڄي عمر لاءِ معذور ٿي ويا آھن. اسان جي ملڪ ۾ انصاف لاءِ عدالتون آھن، گنھگار ۽ بي گناھ جو فيصلو عدالتون ڪنديون آھن، اسان وٽ جھنگ جو قانون ھلي رھيو آھي، ڪو بي گناھ قتل ٿئي ٿو ته ان جي ايف آءِ آر ڪٽڻ لاءِ اسان جون امڙيون ۽ ڀينرون لاشا روڊن تي رکي قرآن پاڪ مٿي تي رکي انصاف لاءِ ڌرڻا ھڻندي نظر اينديون آھن. اسان ڪھڙي معاشري ۾ رھون ٿا جتي پنھنجي حق وٺڻ لاءِ به دربدر ٿيڻو پوي ٿو، سنڌ ۾  پوليس طاقتور اڳيان بيوس نظر ايندي آھي، سنڌ ۾ اهڙا واقعا روز جو معمول بڻجي چڪا آھن. بدقسمتيءَ سان پوليس طاقتور جي ونگار وھندي ھن وقت تائين ڪيترن ئي اٻوجھن ۽ مسڪينن جا خون لڙھي چڪي آھي، اسان وٽ پوليس کي طاقتور اڳيان جھڪايو ويو آھي، پوليس ۾ وڏي پئماني تي قانونسازي ڪري تبديلي جي ضرورت آھي جيئن عوام کي بھتر محافظ ملي سگھن جيڪي حقيقي بنياد تي عوام جا ھڏڏوکي ثابت ٿين.

فرخ حسين /ڳوٺ مير شاھو خان جمالي

ٽريفڪ پوليس لاءِ سوني جھڙڪي بڻيل مهراڻ هاءِ وي ۽ حادثا!

  مھراڻ ھاءِ وي تي ڳري  ٽريفڪ جي گذرڻ تي پابندي لاڳو ھجڻ باوجو به ڳرين گاڏين ۽ مسافر ڪوچن جو گذرڻ بند نه ٿي سگھيو آهي، جنھن ڪري مهراڻ هاءِ وي تي حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آھن، ڪنب ٿاڻي جي حد مھراڻ ھاءِ وي تي بروھي موڙ وٽ ھڪ ھفتي اندر ٽي حادثا ٿي چڪا آھن، بروھي موڙ وٽ تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ ڊوم ۾ زودار ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ مسافر وين جو ڊرائيور ھمت علي ڀٽي زخمي ٿي پيو، ڪجھ ڏينھن اڳ بروھي موڙ وٽ حادثو پيش آيو ھو جنھن ۾ ٻه عورتون زخمي ٿيون ھيون، جڏهن ته ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ڪار ۾ به ٽڪر ٿيو ھو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ڊرائيور محمد رمضان رند ولد زنگي خان رند زخمي ٿي پيو ھو، مھراڻ ھاءِ وي تي مسافر ڪوچن ۽ ڊوم جي گذرڻ  تي پابندي لاڳو آھي پر ان باوجود به مھراڻ ھاءِ وي تان مسافر ڪوچن، مسافر وينن جو گذرڻ بند ناھي ٿي سگھيو. مھراڻ ھاءِ وي تي مقرر ٽريفڪ پوليس اھلڪار مھراڻ ھاءِ وي تي ڳري ٽريفڪ ۽ مسافر ڪوچن ۽ مسافر وينن کي روڪڻ بدران رشورت وٺي مھراڻ ھاءِ وي تي روانيون ڪري ڇڏين ٿا، ٽريفڪ پوليس جي نااھلي سبب مھراڻ ھاءِ وي تي حادثا روز جو معمول بڻيل آھن. حادثن ۾ انساني جانيون زيان ٿي رھيون آھن، ڪيترائي مرد توڙي عورتون معذور بڻجي ويون آھن. ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺي ڳري ٽريفڪ ۽ مسافر ڪوچن ۽ وينن جي مھراڻ ھاءِ تان گذر بند ڪرائي انساني جانيون بچائي.

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

مرزاپور بس اسٽاپ تي مسافر خانو ٺهرايو!

  مرزاپور بس اسٽاپ تي مسافر خانو نه هجڻ ڪري اتي مسافر عورتون، مرد، ٻارڙا توڙي پوڙها پڪا سياري توڙي اونهاري برسات ۽ نٽهڻ اس ۾ بيھي گاڏين جو انتظار ڪندا آهن. جڏهن ته اتي ڳوٺاڻن عارض طور تي ڪچين سرن جو مسافر خانو ٺهرايو آهي جيڪو به هن وقت زبون حاليءَ جو شڪار آهي. واضح رهي ته ڪجهه وقت اڳ مسافر خانو سکر- لاڙڪاڻو هاءِ وي روڊ تي ٺاهڻ دوران ڊاهيو ويو هو، جيڪو هن وقت تائين ٻيهر ٺهي نه سگهيو آهي. ڳوٺاڻن ڊي سي شڪارپور، پ پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار خان ڪماريو توڙي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مرزا پور بس اسٽاپ وٽ مسافرن سان ڀلائي ڪندي مسافر خانو ٺهرائي ڏنو وڃي.

مرتضيٰ جوڳي/ مرزاپور

تباهي جي ڪناري پھتل سنڌ جا تاريخي ماڳ!

  دنيا ۾ زنده  قومون ھميشه پنهنجي تاريخ ۽ تاريخي ورثي سان پڻ اوتري ئي محبت ڪن ٿيون جيترو ھو پنهنجي وطن ۽ ڌرتي سان ڪنديون آهن، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به شخص جي سڃاڻپ مجموعي طور سندس صدين سالن جي اھا تاريخ ھوندي آهي، اھي تاريخي واقعا ھوندا آهن جيڪي سندس سرزمين تي ٿي گذريا ھوندا آهن، ڇو ته انفرادي طور ته اسان جي پنهنجي ھڪ ننڍڙي سڃاڻپ آھي جيڪا سڃاڻپ ھڪ محدود دائري تائين ھوندي آهي پر ڪنهن به ملڪ توڙي قوم جي صدين کان قائم و دائم رھندڙ جيڪا سڃاڻپ آهي اھا سندس ڌرتي ۽ ان ڌرتي جي اھا تاريخ ھوندي آهي جيڪا نه رڳو ان قوم يا فرد کي سندس ساڻيھ تائين سڃاڻپ بخشي ٿي پر سڄي دنيا ۾ کيس متعارف پڻ ڪرائي ٿي. ان ڪري زندهه قومون پنهنجي تاريخ، تاريخي ورثي کي محفوظ ڪري پنهنجي سڃاڻپ جي اھڃاڻن جي حفاظت ڪنديون آهن، ان جي ابتڙ پاڻ وٽ پنهنجي شاھوڪار تاريخي ورثي، ماڳن کي ھٿ وٺي تباهيءَ جي ڪناري تي پھچايو ويو آهي، سنڌ ۾ سرڪار جي لاپرواھي سبب سنڌ جا تاريخي ماڳ ڏينهون ڏينهن سنڌ جي سرزمين تان ميسارجندا پيا وڃن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته حڪمرانن جي ڪنن تي جونءِ به نٿي سُري. حيدرآباد شھر جو پڪو قلعو به ھاڻ پنهنجا آخري پساهه پيو کڻي، ڪجهه ڏينهن اڳ اھا خبر رپورٽ ٿي ھئي ته پڪي قلعي جو مک دروازو به ڀورا ڀورا ٿي چڪو آهي، ھاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سمورن تاريخي ماڳن جي پرگھور لھڻ سميت پڪي قلعي ۾ رھندڙ ورھاڱي وقت ھندستان مان لڏي آيل ماڻهن کي متبادل جاءِ تي منتقل ڪري کين گھرن جو معاوضو ڏئي پڪي قلعي کي ميسارجڻ کان بچايو وڃي ته جيئن سنڌ جو ھي تاريخي اثاثو دنيا آڏو پنهنجو ڳاٽ اوچو رکندي اسان جي قديم ۽ شاھوڪار قوم ھئڻ جو ثبوت ڏئي سگهي.

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

پنهون کان پوءِ، ڏجو باھه ڀنڀور کي!

  ڪنهن رياست جو سڀ کان وڏو سرمايو ان جا شهري هوندا آھن ۽ رياستي ادارا عوام جا خادم ٿين ٿا، انهن جو وجود عوام جي ڪري ۽ عوام لاءِ ئي هوندو آهي. هلندڙ وقت جي مشهور ليکڪ نوحا هراري لکيو آهي ته ادارا انساني تخليق جو مظهر آھن، جن جي وجود جو مقصد فقط انساني نسل جي اوسر آهي پر موجوده حالتن تي نظر وجهجي ته حقيقت بنهن ان جي ابتڙ آهي. جي رياستي خدمتگار عوام دوست نه هجن ته شاهه لطيف چواڻي “پنهون کان پوءِ، ڏجو باھ ڀنڀور کي.” ڀنڀور واقعي ئي برپٽ بيابان لڳو پيو آهي. شهر کنڊر مثل نظر ٿا اچن ۽ روڊ رستا موهن جي دڙي جيڏا پراڻا ٿا لڳن. شايد آخري دفعو جڏھن سڪندر يونان تي ڪاهه ڪئي هئي ته ان ئي سوڀوديرو جي روڊ رستن جي مرمت ڪرائي ھجي. تعلقي جي حيثيت رکندڙ شهر سوڀوديرو ڪنهن قديم تهذيب جي کنڊرن جو ڏيک ڏئي ٿو. ٽائون ڪاميٽي ۽ تعلقي انتظاميا جي ڪرمنوازي سان روڊ ۽ ناليون گند ڪچري سان ڀريون پيون آهن. حالت اها آهي ته انتظاميا آفيسن ۾ ويهڻ لاءِ به تيار ناهي، اُهي بنگلا ڀوت بنگلن جو ڏيک ڏين ٿا. ڪنهن ڪم سانگي جڏھن شھر کي پَسبو ته پنهون کان پوءِ وارو ڀنڀور پئي نظر آيو. پنهون (اسسٽنٽ ڪمشنر) شايد راڻيپور ۾ آفيس ٺاهي ويهي رهيو آهي ۽ سوڀوديرو جا پيچرا ۽ گس کانئس وسري ويا آھن. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا نمائندا ته اليڪشن وقت ئي رستو نظر ايندا آهن، باقي سڄو عرصو عوام کان خاص مفاصلو رکندي مغربي سرمائيدارن وارو سلوڪ پيا رکندا آهن، شايد کين ڪورونا جي احتياطي تدبيرن جو ڪيئي سال اڳ ئي پتو پيو هو! بهرحال، سول سوسائٽي جي احتجاج باوجود ڪک نه سُريو آ. “هي هنڌ ڀيڻون هاڻ، ساڙيان سڀ ڏيهين ري.” جي وائي ورجائيندڙ صوڀوديرو واسي تعلقي انتظاميا کان شهر جي سار سنڀال لهڻ لاءِ سراپا احتجاج آھن. هي خط انهن جي نانءُ آهي.

محمد شريف اوٺو/ سوڀوديرو، خيرپورميرس

جڳاڙي ٽرانسفارمر مان جان ڇڏرايو!

  نيوڇور ۽ مسئلا پاڻ ۾ نڀائيندا پيا اچن پر هڪڙو مسئلو نيوڇور ۾ بجلي وارو انتهائي گنڀير آهي، اڪثر نيوڇور ۾ ڏينهن جا 14 ڪلاڪ بجلي نٿي هجي، تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به نيوڇور جي ڀڙنام ڀٽن تي وسڪارو ولر ڪري وسي ٿو تڏهن نيوڇور بس اسٽاف وارو ٽرانسفارمر سڙي وڃي ٿو، جنهن ۾ لوهار، سميجا، حجام، ڪنڀار، شيخ، مغل، ميگهواڙ ۽ ٻيا پاڙا اچن ٿا. انهن پاڙن جا رهواسي بجلي کان محروم آهن، هن وقت نيوڇور ۾ مڇر به جام آهن ۽ گرمي به صفا دوڏا ٿي ڪڍي پر هنن پاڙن جا رهواسي بجلي وارو ٽرانسفارمر ٺهرائڻ لاءِ لائين مين کي جڏهن به پڇندا آهن ته لائين مين دڙڪا ڏئي چوندو آهي ته پئسا ڏيو ته ٽرانسفارمر ٺهرايون. نيوڇور ۾ لڳ ڀڳ 4 کان 5 ٽرانسفارمر ٻيا به آهن پر هر برسات ۾ اهو ٽرانسفارمر سڙي ٿو، ان جو مقصد اهو آهي ته ٻيا جڏهن ٽرانسفارمر سڙن ٿا تڏهن هن پاسي وارا ماڻهو چندي جي آڙ وارا پئسا نٿا ڏين، هو يڪدم ٺهي وڃن ٿا پر هي ٽرانسفارمر گذريل 5 ڏينهن کان ناهي ٺهي سگهيو، ڇاڪاڻ ته پئسا ناهن مليا، جڳاڙي ۽ هر سال ٺهندڙ ٽرانسفارمر مان آخر هنن غريبن جي ڪڏهن جان ڇٽندي؟ هن وقت نيوڇور جا رهواسي ڪالا بازاي واپڊا ملازم کان بيزار ٿي چڪا آهن. هنن کان آزادي ڪڏهن ملندي؟ وفاق سرڪار اڳ ئي هر ڏوھ سنڌ سرڪار تي وجھي ٿي پر افسوس سنڌ حڪومت ۾ به اهڙو حشر آهي. عمرڪوٽ حيسڪو انتظاميا اڃا تائين حرڪت ۾ ناهي آئي پر غريب سڄو ڏينهن گرمي ۾ مزدوري ڪن ٿا، رات جو مڇرن  ۽ گرمي جي آزار ۾ ننڍ نٿا ڪري سگهن. نيوڇور جي ان لاپرواهي تي جيڪي لفظ لکان اهي گهٽ آهن ۽ نيوڇور جهڙو خراب مقدر وارو ڳوٺ شايد ڪو هجي. اسان جي اعليٰ اختيارين کان گذارش آهي ته هن غريب پاڙن جي جلد کان جلد بجلي بحال ڪئي وڃي ۽ هن روز کرندڙ ٽرانسفارمر جي جاءِ تي نئون ٽرانسفارمر ڏنو وڃي جيئن غريب عوام سک جو ساھ کڻي سگهي.

ڪاشف ڪنڀر/ نيوڇور

ڀٽائي چوڪ جي بگڙيل حالت!

  ميرپورماٿيلو شهر جو مين چوڪ جيڪو ڀٽائي چوڪ جي نالي سان مشهور آهي، جنهن تي ڀٽائي سرڪار جي رسالي جو عڪس ٺهيل آهي ۽ هن عڪس مٿان ڀٽائي سرڪار جو بيت لکيل آهي ۽ گڏ تنبورو به ٺهيل آهي. هن چوڪ جي دڪي جي چوڌاري الله پاڪ ۽ آقا ڪريمصه جا نوانوي نالا چٽيل آهن، هن شاهه جي رسالي مٿان ايتري ته مٽي ڄمي چڪي آهي جو هن جا اکر به نظر نٿا اچن، جتي سڄو شهر ڪچري جو ڍير بڻيل آهن ۽ ڪٽر اٿلن پيا، ميونسپل عملو آرامي آهي، اتي هن مقدس چوڪ مٿان عرصي کان مٽي ڄميل آهي. هي چوڪ وچ شهر ۾ ۽ ميونسپل آفيس جي ويجهو آهي پر افسوس جو هن عملي جي ان ڏانهن هنن جي نظر نٿتي وڃي يا ته هنن جون اکيون ٻوٽيل آهن. هي عملو ايترو ته خودغرض آهي جو اوهان آفيس جا ڪئي چڪر ڪاٽيو پر پوءِ به اوهان وٽ لڙي نه ايندا، ڊي سي گهوٽڪي کي گهرجي ته هن معاملي جو نوٽس وٺي ڀٽائي چوڪ جي صفائي ڪرائي ٻيهر هن مٿان ڀٽائي سرڪار جا بيت لکرايا وڃن ۽ عملي کي پابند بڻايو وڃي ته هر روز هن چوڪ ۽ شهر جي صفائي سٿرائي ڪرائي وڃي.

علي حسن “احسن” چڍڙ /ميپورماٿيلو

ڪنٽونمينٽ بورڊز جو چونڊون!

  سنڌ جي 8 ڪنٽونمينٽ بورڊ جي ٿيل چونڊن ۾ پ پ پ منهوڙي واري بورڊ تي ڪاميابي ماڻي آهي، جڏهن ته ڪراچي شهر جي پوش علائقن ڊفينس ۽ ڪلفٽن تي ٻڌل پي ٽي آءِ جي ڳڙهه ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ بورڊ تي پ پ پ 10 مان 4 وارڊن تي ڪاميابي ماڻي ملير ۽ فيصل ڪنٽونمينٽ تي پي ٽي آءِ، ڪورنگي ڪريڪ تي نواز ليگ ۽ ڪراچي توڙي حيدرآباد ڪنٽونمينٽ بورڊ تي متحده سوڀاري رهي. پنوعاقل واري ڪنٽونمينٽ بورڊ تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان جلد ملڪ ۾ مڪاني چونڊون به ڪرايون وينديون. اليڪشن ڪميشن ڪنٽونمينٽ بورڊن ۾ ٿيل چونڊن کي پرامن نموني سان ڪرائڻ جي لحاظ کان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، ضلعي انتظاميا، پوليس، صوبائي حڪومت، ڪنٽونمينٽ ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ وزارت دفاع جي سهڪار جي ساراهه ڪئي آهي. مڪاني چونڊون ڪرائڻ واسطي بلدياتي ائڪٽ ۾ تبديلي ۽ اليڪشن ڪرائڻ بابت 31 ڊسمبر تائين جو وقت آهي، جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪرائڻ لازمي ٿي ويندو جنهن جو دارومدار ڪنٽونمينٽ بورڊ جي اليڪشن ۾ آيل نتيجن تي ٻڌل آهي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

پنھنجا نوازيءِ جو دستور نامنظور!

                 من پسندي ۽ پنهنجا نوازي وارو نظام سنڌ ۾ خبر ناهي ڪيتري وقت هلندو پيو اچي ۽ هلندو، تازوئي ضلعي سانگھڙ جي تعلقي کپري ۾ سنڌ حڪومت طرفان ڏنل نوڪرين تي وڏيرن، ڀوٿارن جا ڌاڙا پيا لڳن، مستحق بيروزگار نوجوان اڳ جيان وري پنھنجي ڇاتي ڪُٽي مٿي تي هٿ رکي ويٺا آھن، ڪاش! اسان انھن نااهل، بي ضمير، لاشعور، وڏيرن جي پوئيواري ڪرڻ بدران پنھنجو ڌنڌو ڌاڙي ڪيون ها ته اڄ اسان کي وڏيرا، ڀوتار نوڪرين جي آسري تي گمھراھ نه ڪن ها، بھرحال اها سنڌ جي ماڻھن جي بدقسمتي آھي جو اليڪشن واري وقت اڄ نظرانداز ٿيل نوجوان، انھن منافق، ڪم ظرف، ڪرپٽ ۽ اناپرست سياستدانن جي اڳيان دھل وڄائي انھن ڪوڙن سياستدانن جي خوشامد ڪندا آھن. سنڌ جا نوجوان اڳ ۾ بيروزگاري جي ڄار ۾ ڦاٿل آھن، وري جڏهن وڏيرن کي نوڪريون مليون ته وڏيرا پنھنجي گھر جي ڀاتين يعني پنھنجي ڀائٽين، ڏوهٽن، پوٽن ۽ ڀاڻيجن ۾ ورهائيندا آهن ۽ حقيقي مستحق بيروزگار نوجوانن ۽ پاڙي ۾ رهندڙ معذورن کي نظرانداز ڪيو ويندو آھي. آئون بحيثيت هڪ شاگر جي اڄ هن پنهنجا نوازي جي حامين جي نندا ٿو ڪريان ۽ سنڌ جي نوجوانن مان اميد ٿو ڪريان ته سنڌ جا نوجوان هاڻ وڏيرن جي پوئيواري ڪرڻ بجاءِ جابر وڏيرن، ڀوتارن، ڪرپٽ خانداني مسلط ڪيل سياستدانن جي خاتمي لاءِ حق ۽ سچ جو جھنڊو ھٿن ۾ کڻي پاڻ ميدان ملھائيندا.

محبت مري/ ڀٽ ڀائٽي

سنڌي والدين ۽ نوڪرين جي نفسيات!

  12 سيپٽمبر واري پنهنجي اخبار ۾ خبر پڙهيم ته 46 هزار استادن جي ڀرتين لاءِ اٽڪل 5 لک اميدوارن درخواستون ڏنيون آهن ۽ ٽيسٽ جو مرحلو 13 سيپٽمبر کان شروع ٿيندو. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ٻارن جو رجحان صرف نوڪرين ڏانهن آهي. 5 لکجي لڳ ڀڳ گريجوئيٽ جو رجحان صرف سرڪاري نوڪري وٺڻ آهي، اسان جا سنڌي والدين ٻارن کي ننڍپڻ کان اهو زور ڏيندا آهن ته پڙهي لکي محنت ڪر ته جيئن نوڪري ملئي. ٻارن کي جڏهن ننڍي عمر کان جوانيءَ تائين والدين جي روز نوڪريءَ واري ڳالهه ٻڌندا آهن ته پوءِ جوانيءَ تائين پهچڻ وقت هو صرف نوڪري جي ڳولا ۾ هوندا آهن جيتوڻيڪ جاپان ۽ چائينا ۾ والدين ننڍپڻ کان ٻارن کي بزنس جا طريقا ٻڌائيندا ۽ سيکاريندا آهن ۽ اهي ٻار جڏهن جوان ٿيندا آهن ته انهن جو لاڙو صرف بزنس ڏانهن هوندو آهي ۽ اهي هڪ شاندار زندگي گذارين آهن. جپان ۽ چائينا هن وقت بزنس ۾ دنيا تي راڄ ڪن ٿا پر اسان جا سنڌي والدين پنهنجن ٻارن کي ننڍپڻ کان نوڪري واري لولي ڏين ٿا ۽ جواني ۾ اهي بيروزگار ۽ مايوسي جي ڌٻڻ ۾ڦاسي پون ٿا ۽ نوڪري جي ملين به ٿي ته ڪا خاص خوشحالي نه ٿي ٿئي پر بزنس ۾ راتو واهه ترقي هوندي آهي ۽ خاندان جو خاندان ترقي ڪندو آهي ڇو ته بزنس ۾ رات ڏينهن محنت ۽دماغ هلائڻو پوندو آهي ۽ فائدو به ججھو هوندو آهي ۽ نوڪري ۾ 8 ڪلاڪ سو به روزانون ساڳو ڪم مطلب تڪليف ئي تڪليف تخليق زيرو.ان لاءِ سنڌي والدين کي هن وقت سوچڻ گھرجي ته بيروزگاري ۽ مايوسي جي فوج ۾ اضافو ڪرڻو آهي يا بزنس لڳائي هڪ شاندار مستقبل ٺاهڻو آهي.

عابد پنهل بليدي/ڪراچي

۽ جڏھن واٺاگيري جي نوڪري به نه ملي!

(حصو پهريون)

  15 سالن کان لاڳيتي لک پڙهه سان واسطو آھي، ھميشه حڪمران ڌر ۽ جابر قوتن سان جھيڙو رھيو آهي، اسين ڄاڻون ٿا ته اسين حق تي آھيون، ان جي باوجود به ھن فيلڊ ۾ دوستن کان وڌيڪ دشمن ٺاھيم، چورن ۽ ڪرپٽن کي سڃاڻڻ باوجود معاشرو چورن ۽ ڪرپٽن کي چور ۽ ڪرپٽ چوڻ لاءِ تيار ناھي، 15 سالن جي ادبي جدوجھد معاشري جي مظلوم ماڻھن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ کان سواءِ ڪو فائدو نه ڏنو آھي، معاشري ۽ ماڻھن جي اڍنگي رويي سبب لک پڙهه کان ارواھ کڄي ويو، نيٺ خاموش ٿي هڪ طرف ٿي ويس، مون واري يار مجو موالي اچي مون کي ورايو ته ھاڻ آئون ڪنھن ڀوتار جي واٺاگيري ڪيان، ڇو ته مجو موالي وڏي عرصي کان پاڻ ان ڪِرت سان لڳل آھي، سندس وڏا ٺٺ لڳا پيا آھن. ڀوتار جو سڄو ڪم مون وارو يار مجو موالي سنڀاليندو آهي، ھن ڌنڌي ۾ ان وڏو نالو ڪمايو آهي، سندس ڀوتار وٽ 20 کن واٺا ٻيا به آھن پر ان جو لاڏلو ۽ مک واٺو مجو موالي ئي آھي. مجو موالي کي چيم ته يار اھو ڌنڌو مون کان ڪو نه ٿيندو، ھروڀرو مون کي اھي فضول صلاحون نه ڏي پر مجو موالي اچي منھنجا ڪن ڀريا، صبح شام مون کي واٺاگيريءَ جا وڏا وڏا ليڪچر ڏيندو ھو، سوچيم ڌنڌو ته خواري وارو آھي پر ڦٻي ويس ته اصل ملڪ جو والي بڻجي ويندس. مجو موالي کان به وڌيڪ ترقي ڪندس ڇو ته مجو موالي ڄٽ ۽ اڻ پڙھيل واٺو آھي، ھو فقط زباني ۽ سادي نموني ڀوتار جي خوشامد ڪري ٿو آئون ڪالم نگار آھيان، پنھنجي ڀوتار جي شان ۾ مڙئي پيو قصيدا لکندس، سندس شان ۾ لکيل ڪالم کيس وڻي ويندا پوءِ ھو واٺاگيري کان منھنجي ترقي ڪري مون کي پنھنجو پرسنل سيڪريٽري بڻائيندو….(جاري)

اسماعلي بهلڪاڻي/تنگواڻي

ملڪ جو ڊانواڊول ٿيل سياسي نظام!

  اسان جي سياستدانن پنهنجي سياست کي اخللاقي ۽ روحاني اصلولن تي نه هلايو ته ملڪ ۾ سٺي کان سٺو سياسي نظام نٿو هلي سگھي. ملڪ جي عوام جي زندگين ۾ سٺي تبديلي نٿي اچي سگھي، هر اهو سياسي ماڻهو پنهنجي ان سياسي عمل سان عوام کي اها سٺي موٽ ناهي ڏئي سگھيو، جيڪا عوام کي ڏيڻ گھرجي ڇو ته هر انسان پنهنجي ذاتي سوچ جو آئينو آهي، سهڻي سوچ سان ئي سهڻا خيال پيدا ٿيندا آهن ۽ سهڻي خيال سان سهڙوڳ اخلاق پيدا ٿيندو آهي، سهڻي ڪردار سان ئي انسان عظيم درجي وارو ٿيندو آهي پر افسوس انهن سياسي ماڻهن وٽ عوام جي خوبين کي حقيقت ۾ تربديل ڪرڻ جو سياسي هنر موجود ناهي. انهن پنهنجي سياسي نظريي وسيلي جمهوريت جو تماشو بڻايو آهي. تڏهن ته ملڪ جي اعليٰ کان اعليٰ ادارن ۾ سياسي نظريو رکندڙ ماڻهو عهدن تي رکيا وڃن ٿا. انهن کان پنهنجا سياسي مفاد ۽ پنهنجا من پسند فيصلا ورتا وڃن ٿا. اسان جي ملڪ جا سياستدان عوام جي خوشحالي جي تبديل ۾ پاڻ رنڊڪل بڻيل آهن، تڏهن انهن وٽ اسانيت آزاديءَ جي قيدي بڻيل آهي. تڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ هر عام لاوارثي واري زندگي گذاري رهيو آهي. جن جي حصي ۾ بک بدحالي، بيماري، بيروزگاري، مهانگائي ۽ غربت واري زندگي گذاري رهيو آهي. جن جي زندگي هر سهولتن کان محروم آهي. اسان جي معاشر ۾ ڪابه سياسي تبديلي ناهي آئي ۽ نه ايندي، ان ڪري ئي ته هر سياسي ماڻهو پنهنجي سياست ڏاڍ وسيلي سياست ڪري رهيو آهي. پنهجي سياسي مفادن کي جيئرو رکڻ لاءِ سياست جي انڌي گھوڙي تي سوار آهن. اسان جي سماج ۾ هر اهو ڏاڍو ماڻهو پنهنجي ڏاڍ وسيلي هيڻي کي وڌيڪ هيڻو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. جڏهن ته رب تعاليٰ انسان کي انسانيت جي خدمت لاءِ پيدا ڪيو آهي نه ڪو دل آزاريءَ لاءِ.

راهب علي سولنگي/راڌڻ اسٽيشن