ڪنب (ن پ ا) ناليوارو سگهڙ بحرالدين بحر ڳچ عرصو ڪاري ڪامڻ ۽ جيري جي بيماري ۾ مبتلا رهڻ بعد ڪنب ڀرسان پنهنجي ڳوٺ دريا خان شناڻي ۾ وفات ڪري ويو، سگهڙ ڪافي وقت کان بيماري جي بستري تي هو، سندس علاج لاءِ ثقافت کاتي پاران ڪابه مدد نه ڪئي وئي، سندس پنج ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن بحرالدين بحر سگهڙ ڀلائي تنظيم تعلقي ڪوٽڏيجي جو جنرل سيڪريٽري ۽ آرٽس ڪائونسل خيرپور جو سرگرم ميمبر هو، سندس وفات تي سگهڙ ڀلائي تنظيم ۽ آرٽس ڪائونسل خيرپور پاران ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آھي۔