قمبر (رپورٽر) قمبر ڀرسان روڊ حادثن ۾ پيرسن ۽ نوجوان سميت 2 ڄڻا فوت، ھڪ زخمي. خبر موجب ڳوٺ بکو کهاوڙ ڀرسان روڊ ڪراس ڪرڻ دوران موٽر سائيڪل جو ٽڪر لڳڻ سبب ڳوٺ علي بخش پهنور واسي 65 سالن جو بخش علي چانڊيو فوت ٿي ويو، ڳوٺ ڪوٽ غلام شاهه لاڙي ڀرسان تيز رفتار ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ گولو سانگاھ جو رھواسي 22 سالن جو ياسين سانگاھ ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ڳوٺ رانوتي جو رھواسي محمد فراز چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو. فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.