ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ٿاڻي جي حد ۾ پوليس چوڪي آرڊي 82 پل ڀرسان گذريل ڏينهن مسجد مان نامعلوم چور بيٽري ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا، چوري جي الزام هيٺ آيل جوابدارن کان شڪ جي بنياد تي پڇا ڪرڻ تي هڪ جوابدار ۽ اي ايس آءِ خميسو چانڊيو ۽ اهلڪار شير محمد گبول جو جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٽئي ڄڻا ھٿين پئجي ويا، جڏهن ته شڪي جوابدار ٻنهي پوليس اهلڪارن کي ڪٽڪو ڏئي فرار ٿي ويو. وائرل ٿيل ويڊيو ۾ 82 پل پوليس چوڪي تي مقرر پوليس اھلڪار سول ڪپڙن ۾ ھڪ چور کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر جوابدار پوليس اهلڪارن کي ڪٽڪو ڏئي فرار ٿي ويو.