قاضي احمد ( ن پ ا) قاضي احمد نيشنل هاءِ وي رنگ محل شادي حال سامهون روڊ ڪراس ڪندڙ 40 ورهين جي حميده ڪوري کي تير رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي وئي. مقامي رهواسين ۽ پوليس فوتي عورت جو لاش قاضي احمد اسپتال پهچايو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو. هوڏانهن حادثي بعد ڪار سوار فرار ٿي ويو. پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي.